ڏوتڙ بندر

ڏوتڙ بندر (ماڳ): ڏوتڙ، تعلقي ننگرپارڪر، ضلعي ٿرپارڪر جو هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو آڳاٽي دؤر ۾ ننگرپارڪر شهر کان ويهه ميل اتر طرف ويراواهه شهر جي اولهه ۾ هڪ بندر طور سڃاتو ويندو هو، جتي ڪڇ کان جهاز اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. ڪن عالمن جو خيال آهي ته ڏوتڙ ڪو الڳ بندر ڪونه هو، پر پارينگر کي ’ڏوتڙ‘ سڏيو ويندو هو. هن بندر جو ذڪر تاريخي ماڳن ۽ ڪتابن ۾ اچي ٿو. هن لاءِ ڪن محقق جو خيال آهي ته هيءُ بندر شايد پاريننگر بندرئي هو ۽ هتي سامونڊي جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا. هن بندر جو ذڪر ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ‘ ۾ به ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو